تحقيق ۽ تنقيد

تحقيق ۽ تنقيد

تحقيق ۽ تنقيد

تحقيق ۽ تنقيد (ڪتاب ):هي ڪتاب هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪ هيري ٺڪر جو لکيل آهي، جيڪو سندس ادبي مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ يارنهن مقالا شامل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) سنڌي ڪافي: اڳي ۽ هاڻي، (2) پُراڻن دستخطن جي پڙهڻيءَ جا مسئلا، (3) شاهه لطيف جو پيغام، (4) شاهه سائينءَ جون اُلَٽ باسيون، (5) ڀارتي سنت ڪاويه ۽ ساميءَ جو اسٿان، (6) قاضي قادن: هڪ مهان يوگي، (7) قاضي قادن جي ٻولي، (8) درويش روحل، (9) ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ادب تي ٿيل ڪاريه، (10) ورهاڱي بعد ڀارت ۾ ادبي تحقيق جي اوسر، (11) مضمون ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي اوسر شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ مُرليڌر جيٽلي لکيو آهي ۽ هن ڪتاب جو انتساب هن ريت آهي: ”شيخ اياز جي نالي: وڏي وَٿُ هُئو، ٻاروچو ڀنڀور ۾“، پوڄا پبليڪيشنس دهليءَ پاران، هي ڪتاب ڊسمبر 1997ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان، 142 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ تحقيق ۽ تنقيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو